سنڌي صوتيات

سنڌي صوتيات

سنڌي صوتيات

سنڌي صوتيات (ڪتاب): علم لسان ۽ آوازن جي علم تي لکيل هيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي ماهر ۽ عالم ڊاڪٽر غلام علي الانا جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي آوازن جي علم متعلق سائنسي طور تحقيق ڪري مواد موجود ڪري ڏنو ويو آهي. ڪتاب ۾ ڪل پندرهن باب آهن: (1) صوتيات جو مفهوم ۽ مقصد، (2) ڳالهائڻ جا عضوا، (3) آوازن جي اچارڻ جو ڍنگ، (4) سنڌي وينجنن جا قسم ۽ گروهه، (5) سنڌي آوازن جا قسم، (6) سنڌي ويجنن جو بيان، (7) سُر جو اڀياس، (8) سنڌي سُرن جو اڀياس، (9) سنڌي سرن جون ٻيون خاصيتون، (10) ڇوٽن گهڻن سُرن جو گهڻي ڌماڪيدار وينجنن سان گڏيل اچار کان پوءِ وينجنن جي صورت ۾ بدلجڻ، (11) لفظ ۽ انهن جي پدن اندر ڪم آيل سُرن ۽ وينجنن جي ميل ميلاپ جو مطالعو، (12) سنڌي صوتياتي نظام ۾ شد جو استعمال، (13) وسرگ آوازن تي مشتمل لفظن جو صوتياتي اڀياس، (14) سنڌي صوتياتي نظام موجب ’ء‘ حمزه جو اڀياس، (15) علم صوتيات ۾ ادغام/ سنڌي (Assimilation) جو ڪارج. ڪتاب ۾ هر باب مفصل ۽ آسان پيرايي ۾ لکيل آهي، جنهن جي مدد سان ٻولين بابت قائم ڪيل هن جديد علم سان سنڌي ٻوليءَ بابت به ڪافي جاندار معلومات ملي ٿي. ڪتاب جي علمي ۽ ٺيٺ موضوعاتي هئڻ باوجود سليس ٻولي پڙهندڙن کي سنڌي ٻوليءَ جي آوازن واري علم، صوتي نظام متعلق ڀليءَ ڀت واقف ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي.
ڪتاب ۾ پهرئين ۽ ٻئي ڇاپي جا مقدما شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي ڊاڪٽر غلام علي الانا جا لکيل آهن. ان سميت ناشر طرفان نوٽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين، تعارف جو نوٽ پروفيسر علي نواز جتوئي، تڏهوڪي صدر سنڌي شعبي، سنڌ يونيورسٽيءَ جو لکيل آهي. سنڌي صوتيات تي هيءُ ئي مفصل ۽ معنيٰ خيز ڪتاب آهي.
ڪتاب جو انتساب ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي نالي ڪيل آهي. ڊيمي سائيز جي 176 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد پاران 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪتاب جي قيمت 120 روپيا ڄاڻايل آهي.


لفظ سنڌي صوتياتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو